اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري نگران ??فا??ي وزير انيق احمد چيو آهي ته خطاطي جو فن اسان جي ميراث ۽ ثقافت جو اهم حصو آهي، ان شعبي ۾ نَون آيل ٻ??رن کي گهرجي ته ان فن کي سِکي ڪري ان کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪن. پي اين سي اي جي انتظام هيٺ مدرسي جي شاگردن ??ي خطاطي جي تربيت ڏيڻ جي حوالي سان منعقد افتتاحي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. ان حوالي سان ٻن هفتن تي ٻَڌل تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ من??نج?? لاءِ خوشگوار ۽ حيرت جو سبب آهي ۽ ان محفل ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ فخر آهي. هن چيو ته ان معاملي ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندس. نگران ??فا??ي وزير چيو ته اسان پن??نج?? وڏن خطاط نگارن کي وِساريندا پيا وڃون. هن شاگردن کي چيو ته جيڪو هي خطاطي جو هنر سِکندو ان کي ايندڙ نسلن تائين منتقل به ڪرڻ گهرجي، خطاطي جي فن جي حوالي سان اسان جو ماضي تمام شاهوڪار آهي.