اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي دوري دوران بحرين جي با??شاهه، ولي عهد، ڊفينس فورسز ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻ??رفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي با??شاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻ??رفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس جي ملٽري ميڊل س??ن نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب پا?? فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. هن بحرين جي با??شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن حمد الخليفه، بحرين ڊفينس فورسز جي ڪمانڊر فيلڊ مارشل خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻ??رفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پا?? فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف بحرين نيشنل گارڊ جي 27 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي واري تربيتي مشق جو به مشاهدو ڪيو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ بحرين نيشنل گارڊ کي ملٽري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ اعليٰ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ تي پا?? فوج جو ٿورو مڃيو. بحرين جي با??شاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻ??رفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس ملٽري ميڊيل س??ن نوازيو.