اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت جي آزاد?? بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ مي??يا جو اهم ڪردار آهي، مي??يا اميدوارن ۽ ووٽرز جي و?? ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، مي??يا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مي??يا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ مي??يار جي ڪردار ۽ صحافت جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صحافت جي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صحافت جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ مي??يا جو اهم ڪردار آهي، مي??يا اميدوارن ۽ ووٽرز جي و?? ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي مي??يا عوامي تاثر جوڙي ٿي، مي??يا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافين ملڪ جي ترقي ۽ استح??ام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.