اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران امن ۽ خوشح??لي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ گڏيل موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻ??هي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مثبت انداز ۾ اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ مضبوط مڪالمن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ????هي ڌرين امن ۽ خوشح??لي جي لاءِ گهربل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ اجتماعي موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.