اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي تڪ اين اي 46 اسلام آباد – I جي پولنگ اسٽيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول ڊوره ۾ سڀ کا?? پهرين و??ٽ ڪاسٽ ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير صبح 8 وڳي کا?? اڳ پولنگ اسٽيشن پهتو ۽ سڀ کا?? پهرين پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ووٽ هڪ قومي فرض آهي، جنهن کي هر ذميوار ش??ري کي ادا ڪرڻو آهي. آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون ملڪ ۾ جمهوريت کي م??بوط بڻائينديون آهن. هن چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي روشن مستقبل جي لاءِ عوام ووٽ ضرور وجهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ ووٽنگ جو عمل پرامن ۽ منظم طريقي سان مڪمل ٿيندو. واضح رهي ته تڪ اين اي 46 اسلام آباد – I ۾ مجموعي طور تي 44 ا??يد??ار هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آهن. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 3 لک 50 هزار 581 آهي، عورت ووٽرن جو انگ هڪ لک 66 هزار 656 جڏهن ته مرد ووٽرن جو انگ هڪ لک 83 هزار 925 آهي. تڪ اين اي 46 اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 342 پولنگ اسٽيشنز جڏهن ته 1033 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن.