ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي ۾ عام چونڊن 2024ع لاءِ پولنگ پرامن ان??از ۾ جاري رهي، جتي 90 لک کان وڌيڪ ووٽرز 22 قومي ۽ 47 صوبائي تڪن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نمائندن جي چونڊ ڪندا. پولنگ اليڪشن ڪم??شن جي مقرر ڪيل وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. چونڊن جي پولنگ لاءِ سياسي پا??ٽي?? طرفان ووٽرن کي سندن ووٽ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپن تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ووٽرز جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1995 اميدوار ميدان ۾ آهن، ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنن جي قيام لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويو?? آهن، انهن عمارتن ۾ مجموعي طور تي 5342 پولنگ اسٽ??شن ٺاهيون ويون، 3038پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويو?? آهن. ڪرچي ۾ صرف 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن.