اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ اختلاف ??اءِ کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت جي مهم زورن تي آهي. هن چيو ته 10 فيبروري تي ڀارت جي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آءِ اي) مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي ڪشمير جي 15 ملڪيتن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ۽ اهي ڇاپا ڪشميري سياسي تنظيمن جي خلاف ??اري ڪريڪ ڊائون جو حصو هئا. ترجمان چيو ته جماعت اسلامي انهن 6 سياسي تنظيمن مان هڪ آهي جن تي ڀارت اڳ ۾ ئي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته هو ڪشميري سياسي ڪارڪنن ۽ پارٽين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪ??ي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪ??رڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ آزا??ي جي قابل بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.