اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لا??ِ جمع ڪرايل نامزگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لا??ِ سردار اياز صادق، ملڪ محمد عامر ڊوگر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي ??ي سيڪريٽريٽ وٽ جمع ڪرايا ويا. نامزد اسپيڪر سردار اياز صادق جي تجويز ڪندڙن ۾ چوڌري سالڪ حسين، ??بد??لعليم خان، سيد نويد قمر ۽ اويس احمد لغاري شامل آهن، ملڪ عامر ڊوگر جي تجويز ڪندڙن ۾ صاحبزاده صبغت الله، علي محمد ۽ ڊا??ٽر امجد علي خان شامل آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لا??ِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جنيد اڪبر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي ??ي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا.ڊپٽي اسپيڪر لا??ِ نامزد اميدوار لا??ِ تجويز ڪندڙن ۾ محمد رضا حيات هراج ۽ اعجاز حسين جکراڻي شامل آهن، جڏهن ته جنيد اڪبر جي تجويز ڪندڙن ۾ محمد ثناءُ الله خان مستي خيل، محمد رياض خان فتيانه ۽ مهر غلا م محمد لالي شامل آهن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جمع پهرين مارچ تي ٿيندي.