اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهش??ند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر ??يو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار ??ڌي?? وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر ??يو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميانمار جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي ??يو ته پاڪستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن ??يو ته پاڪستان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ ??ڌي?? ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.