اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن گوادر، بلوچستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپ??ءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم گوادر ۾ تازي طوفاني برساتن جي متاثرين سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم طوفاني برساتن کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو وٺندو ۽ ام??ادي ڪئمپ ۾ رهندڙ متاثر خاندانن ۾ ام??ادي شيون پڻ ورهائيندو.