اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بل??چ پريس بر??فنگ ۾ چيو ته ??سا?? دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، ??سا?? کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمن?? ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چيو ته ??سا?? گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.