مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي بيت الله جا دروازا کولي وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. هن خ??نه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا دروازا کولي خاص زيارت ڪرائي وئ??. و??يراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي ام??، سڄي دن??ا جي مسلمانن خ??ص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.