اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن پاڪس??ان ۾ ايراني سفير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪس??ان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪس??ان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني صدر رئيسي جي پاڪس??ان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪس??ان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر رئيسي به وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين ان??ان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم صدر رئيسي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، مرحوم صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪس??ان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارتخاني جي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.