آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل ??واهش ۽ گڏيل ??زم سان اڳتي و??ي رهيا آهن. پنهنجي ايڪس اڪائونٽ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي وزيراعظم پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته آستانه ۾ ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن سان خوشگوار ميٽنگ ٿي.
اسان گڏيل ??لچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ اسان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ بحث ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آستانه قازقستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته هن اجلاس کان اڳ سائيڊ لائين ملاقاتن ۾ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.