اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه??، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪ??رڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آه??، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آه??. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آه??، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آه??، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آه??، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آه??ان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نمايان ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آه??. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم ج?? محنت سان معيشت استحڪام ??رف وڌي رهي آه??، ع??ام جي ڏکيائين جو احساس آه??، حڪومت ع??ام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آه??.