اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سيد حسنين حيدر کي سينيٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق سيد حسنين حيدر ان کان اڳ سينيٽ جي وقتي سيڪريٽري طو?? فرض انجام ڏئي ??هيو هو، گريڊ 21 هين جي ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ حفيظ الله شيخ کي گريڊ 22 هين ۾ اسپيشل سيڪريٽري سينيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي ??فيسر سينيٽ ۾ قانون سازي ۽ انتظامي معاملن جو وسيع تجربو رکن ٿا، انهن جي مقررين جا باقاعده نوٽيفڪي??نن پڻ جاري ڪيا ويا آهن.