اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روس جي نائب وزيرا??ظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پرڏيهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽي??يٽ??، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪي??. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪي??. نائب وزيرا??ظم اوورچڪ جو دورو وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن جي ٺوس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ويزن جي تعميل ۾ ٿي رهيو آهي. روسي فيڊريشن جو نائب وزيرا??ظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. روسي نائب وزيرا??ظم پاڪستان جي دوري دوران صدر ?? وزيرا??ظم سان پڻ ملاقات ڪندو.