اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال، صوبي جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر صوبي ۾ امن امان، معاشي استحڪام سميت عوام جي ڀلائي ??ابت کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي گورنر صدر آصف علي زرداري کي سوات ۽ مالم جبا جي وچ ۾ غيرملڪي سفارتڪارن جي قافلي تي ده??تگردن جي حملي ۽ صوبي جي ڏاکڻي ضلعن توڙي ضم ڪيل قبائلي ضلعن ۾ ده??تگردي جي واقعن ۾ اضافي ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي آگا??ي ڏني. صدر آصف علي زرداري صوبي جي به??ري جي لاءِ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.