نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لا??ِ پ??عز?? آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لا??ِ پ??عز?? آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.