اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪ??ر تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن ج?? نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪا??ونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪ??ر تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪا??ونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪ??ر تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪا??ونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪا??ينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزيرن جي ڪا??ينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪا??ونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪا??ونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪ??ر تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪا??ونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪا??ڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪ??ر تنظيم جي ميمبر ملڪن ج?? اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.