اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ?? شرڪت لاءِ ترڪمانستان جي ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد ميريدوف گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ??يو آهي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون ٿيون. ترڪمانستان جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو.