اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پ??ڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پاران مهمان نوازي تي ٿورا ??ڃي??. سماجي رابطي جي ويب س??ئيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ته اسلام آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم مح??د شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پ??ڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.