اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي??ام بابت ممل??تي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر (اي پي اين آءِ سي) سنگاپور جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيا رونگ لوني ڪالهه سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٽيلي??ام آپريٽر?? جي سگهه وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان پڻ موجود هو. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيلي??ام واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب سي اي او، ممل??تي وزير کي اي پي اين آءِ سي ورڪنگ جي حوالي کان آگاهه ڪيو . هن چيو ته اي پي اين آءِ سي پا??ستان ۾ ٽيلي??ام آپريٽرز لاءِ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سان ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿي. ممل??تي وزير چيو ته ٽيلي??ام آپريٽر?? جي سگهه وڌائڻ لاءِ فني تربيت تمام اهم آهي. ملاقات ۾ ٽيلي??ام آپريٽر?? جي تربيت لاءِ هڪ جامع پلان جو??ڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٽيلي??ام واري وزارت جو ميمبر محمد جهانزيب رحيم پڻ موجود هو. ان دوران ممل??تي وزير شزه فاطمه خواجه جرمنيءَ ۾ پا??ستان جي سفير ثقلين سيده سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ جرمني جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي??ام سيڪٽر ۾ لاڳاپن ۽ پا??ستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي جرمني ۾ سهولتڪاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ انٽرنيشنل ڪوآرڊينيشن جو ميمبر عماد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيد جواد علي شيرازي پڻ موجود هئا.