اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڏياريءَ جي موقعي تي پاڪستان جي هندو برادري کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وق??ي صدر ڏياريءَ جي موقعي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هندو برادري کي ڏياريءَ جي ڏڻ تي مبارڪباد ڏي??ن ٿو. هن چيو ته ڏياريءَ روشنين جو ڏڻ امن، خوشحالي ۽ خوشي جو پيغام ڏي ٿو. وق??ي صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جون خوشيون ملهائڻ مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري جي عڪاس آهي. وق??ي صدر چيو ته ڏياريءَ اونداهي تي روشني جي فتح ۽ برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ اسان جي ثقافت جي علامت آهي، پاڪستان جو آئين سمورين اقليتن کي مذهبي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.