اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان ??ي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هاءِ ??مي??ن طرفان ??اري بيان موجب افتتاح جي موقعي تي هاءِ ڪمشنر سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ??ا ڪاروباري ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ??ي وڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪ??ڻ لاءِ ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ??و تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائي مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ سازگار ٽائيم زون رکندڙ اسان ??ي ملڪ کي سڄي دنيا جي ڪمپنين لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان ??رانڊ کي هٿي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ پاڪستان ??ي ٽيڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪ??ڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌايو ته هن سال جي فيسٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ڪمپنين جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ اهم رانديگر طور پاڪستان ??ي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ انهن ڪمپنين جي موجودگي سنگاپور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم سان ??ڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي پوزيشن قائم ڪرڻ جي پاڪستان ??ي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي سنگاپور جي مانيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار سڃاڻپ پاڪستان ??ي فن ٽيڪ سيڪٽر جي وڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. سنگاپور جو ساليانو فن ٽيڪ فيسٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ آهي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ڪمپنين لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ڪري ٿو ته جيئن هو پنهنجي مختلف شين کي متعارف ڪرائي ??گه?? ۽ ان ??عبي ۾ نوان موقعا ڳولين.