اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانست??ن ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پ??ران نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ بڪائيف قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پ??ڪست??ن ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جو جامع جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اه?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول يوڪرين، افغانست??ن ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.