راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پا?? بحريه جي اڳوڻي سربراهه ايڊمرل يسطور الحق ملڪ کي لاهور ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جن??زي نماز ۾ هٿياربند فوج جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ايڊمرل يسطور الحق ملڪ جي قبر تي گل رکيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل يسطور الحق ملڪ 1954ع ۾ نيوي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ – ڀارت جنگين ۾ حصو ورتو. مرحوم 1988ع کان 1991ع تائين پا?? بحريه جو سربراهه رهيو. مرحوم نيول چيف بطور ڪمانڊ?? پاڪستان فليٽ، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيئرمين پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا به فرض سرانجام ڏنا.