اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپر??م ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپر??م ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپر??م ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏي??هن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏي??دي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپر??م ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامي??ٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.