اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي، گڏيل ڪوششن سان اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، مسئلن کي حل ڪريون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل ??ي لاءِ ۽ پاڪستاني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ??ي لاءِ پنهنجو رستو ٺاهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته هي ڏينهن انساني حقن جي عظيم مقصد کي برقرار رکڻ ۽ انهن جي تحفظ ??ي لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ رهندڙ سمورن اقليت کي برابر حق حاصل آهن، اها اسان جي ترجيح آهي ۽ حڪومت سڀني کي برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اٽڪل 1400 سال اڳ اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ بنيادي انساني حقن ۽ انسانن جي برابري جو درس ڏنو هو، باني پاڪس??ان قائد??عظ?? محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ عقيدي، ذات ۽ مذهب کان هٽي ڪري سمورن شهرين جي برابر حقن تي ??ور ڏنو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته اڄ هن قوم، نسل ۽ پوري انسانيت جي سامهون فخر سان بيهڻ ??ي لاءِ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، مسئلن کي حل ڪريون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل ??ي لاءِ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي اميدن تي پورو لهڻ ??ي لاءِ پنهنجو رستو ٺاهيون. وزير??عظ?? چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان جيتوڻيڪ ا??ا ان جي آئيني ذميواري نه هئي پر هن ٻين صوبن جي رهواسين کي پڻ مختلف تعليمي ۽ مالياتي قدمن ۾ مدد فراهم ڪئي. هن بطور وڏي وزير پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ پنجاب انڊونمنٽ فنڊ، ميرٽ تي اسڪالرشپس ۽ ليپ ٽاپ ڏيڻ جهڙن منصوبن ۾ سمورا صوبا، گلگت بلتس??ان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير به شامل هئا. هن مل??ان ۾ عورتن تي تشدد جي خلاف مرڪز قائم ڪرڻ، ڏکڻ پنجاب ۾ اسڪالرشپ سان گڏ تعليمي پروگرام ۽ سرهن جي بٺن تي چائلڊ ليبر جي خاتمي جي قدمن جو پڻ حوالو ڏنو. هن چيو ته اٽڪل 90000 ٻار بٺي تي مزدوري ڪرڻ تي مجبور هئا جن کي بعد ۾ اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ويو. وزير??عظ?? چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتس??ان سميت ملڪ جي سمورن حصن مان 1000 گريجوئيٽس کي اعليٰ ترين فني علم ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ چين موڪلي رهي آهي. هن قانون واري وزير کي ملائيشيا ۾ ڦاٿل پاڪستانين جو معاملو پنهنجي هم منصب آڏو اٿارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزير??عظ?? انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ ??ي لاءِ قانون واري وزير ۽ ٻين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو. قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 10 ڊسمبر 1948ع تي دنيا انساني حقن جي پڌرنامي کي اختيار ڪيو جنهن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته انسانن ۾ ڪو فرق ناهي هوندو. هن چيو ته عالمي پڌرنامي جون اٽڪل سموريون شقون حضور نبي اڪرم ﷺ جي تعليم تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي پاڪس??ان جي آئين ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير بنيادي انساني حقن کي برقرار رکندي معاشري ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته اسان سڀني کي ان ذميواري کي هڪ مشن جي طور تي ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انساني حقن واري وزارت سمورين صوبائي حڪومتن ۽ گلگت بلتس??ان سان گڏجي عورتن جي حقن جي حوالي سان مقرر هدفن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن انساني حقن جي حوالي سان قانونسازي جي ميدان ۾ پنهنجي وزارت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ زينب الرٽ، ريسپانس اينڊ ريڪوري، ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارتي، آواز ايپ، قانوني مسئلن تي 24/7 مدد جي خدمتن ۽ انساني حقن سميت مختلف ڪميشنن جو ڪم شامل آهي.