اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو آه?? ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊن کي ناهي روڪيو، خيبرپختونخواهه حڪومت اهي چونڊون ڪرائي اسان هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آه??ون، پي ٽي آءِ 9 مئي وانگر 26 نومبر تي ٻيهر اها ئي غلطي ورجائي، چار رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا ۽ درجنين سيڪيورٽي اهلڪار شديد زخمي ٿيا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ مارجي ويل ماڻهن بابت ڪو ثبوت آه?? ??ه سامهون آڻي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته 2018ع جي چونڊن ۾ ڪنهن کي ڪهڙي طرح کٽرايو ويو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور جو حساب ڏي اسان پنهنجي حڪومت ج?? دور جو حساب ڏيڻ جي لاءِ تيار آه??ون، اسان ڪيترائي ڀيرا ميثاق معيشت ج?? دعوت ڏني، قانوني طريقيڪار تحت چونڊ عمل جي معاملن کي اڪلايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جو نامزد ڪيل چيف اليڪشن ڪمشنر مق??ر ڪيو ويو، انهن جي مرضي س??ن نادرا چيئرمين لڳايو ويو، پرامن احتجاج سڀني جو آئيني حق آه??، سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آه??، موجوده دور ۾ ميڊيا کان ڪجهه لڪائڻ ممڪن نه آه??، نواز شريف تي سياسي ڪيس هئا، انهن کي عدالتن مان ريليف مليو، پي ٽي آءِ جي حڪومت ج?? دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائدين جي خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪوڙا ڪيس ٺهرايا ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ ريلين جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، هن ان تي توهين عدالت ڪئي، انهن کي ڊي چوڪ بدران سنگجاڻي جي آڇ ڪئي وئي، اهي ڊي چوڪ اچڻ تي ضد ڪري رهيا هئا، شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي احتجاج ڪري انهن 2014ع جي تاريخ ورجائي جڏهن چيني صدر پاڪستان جي دوري تي اچڻو هو. انهن معاهدو ڪيو ته 35 پنڪچر ثابت نه ٿيا ته فوج کان معافي وٺندا، هڪ ڏينهن ۾ قومي معيشت ۾ اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، 2014ع ۾ انهن جي مرضي جي جوڊيشل ڪميشن ٺهي جنهن 35 پنڪچر کي رد ڪري ڇڏيو پر انهن اڄ تائين معافي ناهي ورتي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آه?? ته جڏهن ملڪ ۾ ڪا اهم شخصيت اچي رهي هوندي آه??، هي احتجاج شروع ڪري ڇڏين ٿا، حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊن کي ناهي روڪيو، خيبرپختونخواهه حڪومت اهي چونڊون ڪرائي اسان هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آه??ون ته جيئن وفاق جي علامت سينيٽ ۾ ميمبرن جو انگ مڪمل ٿئي. هن چيو ته احتجاجي مظاهرين ۾ غيرملڪي شامل هئا جن وٽ هٿيار هئا، ڇا اهو پرامن احتجاج هو، 300 کان وڌيڪ افغاني گرفتار آه??، اسان کي گڏجي رستو ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته 9 مئي ۾ انهن غلطي ڪئي ۽ 26 نومبر تي ٻيهر اها ئي غلطي ورجائي، چار رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، درجنين سيڪيورٽي اهلڪار شديد زخمي ٿيا، انهن کي مارجي ويل ماڻهن جا تفصيل سامهون آڻڻ گهرجن، پمز ۽ پولي ڪلينڪ ان حوالي سان واضح بيان ڏنو ته انهن جي اسپتالن ۾ ڪي لاش ناهن آندا ويا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ ڪو ثبوت آه?? ??ه سامهون آڻي، اسان کي پنهنجي پارٽين مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻو پوندو، پاڪستان وسيع معدني وسيلن سان مالامال آه??، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جي ذريعي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، 2017ع ۾ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، پاڪستان 20 معيشتن ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو هو. هن چيو ته افراتفري ملڪ جي مفاد ۾ نه آه??، ڪجهه قوتن جي اها خواهش هئي ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي پر انهن کي ناڪام کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ نوجو??ن نسل جو اخلاق تباهه ڪيو ويو، اسان کي گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، اسان سڀ پاڪستاني آه??ون، انهن جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پارٽي ڪارڪنن جا قدم صحيح نه آه??، قوم کي گمراهه نه ڪريو، گڏجي ملڪ کي معاشي ڀنور مان ڪڍو. هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 سال جمهوريت رهي.