اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم قوم کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ سرگرم پوليو ورڪرز تي حملي کي ڳڻتي جوڳ?? قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ پوليو ورڪرز جي حفاظت ??ي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي.