اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خ??تمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور ??ما??ت جو اظهار ڪندي ڪي??ري??ن ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سيپٽمب?? ۾ ??يا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.