عمان -12 جون (اي پي پي ) آمريڪا فلسطينين کي 40 ڪروڙ چار لک ??ال??ن جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي . العربيه موجب اردن ،مصر ۽ گڏيل قومن جي سهڪار سان اردن ۽غ??ه ۾ امداد جي ترسيل بهتر بنائڻ لاءِ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ آمريڪا 40 ڪروڙ چار لک ??ال?? جي اضافي امداد فراهم ڪري رهيو آهي . آمريڪا جو چوڻ آهي ته سنگين انساني حالتن جي جواب ۾ غزه ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي اضافي انساني امداد فراهم ڪري رهيو آهيان . پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اردن جي ميزباني ۾ انساني امدادجي ڪانفرنس ۾ چيو ته هو فلسطينين لاءِ اضافي 404 ملين ??ال?? جي نئين امداد جو اعلان ڪري رهيو آهي جيڪو 1.8 ارب ??ال?? کان به وڌيڪ جي ترقياتي ، اقتصادي ۽ انساني امداد کانسواءِ آهي جيڪا آمريڪا 2021 کان فراهم ڪئي آهي .