اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب ??يب اردوان چيو آه?? ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي آه??، ترڪي ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين جي ذريعي حل جي موقف تي قائم رهندو، ڪشمير مسئلي جو حل طاقت يا ڏاڍ جي پاليسين سان نه پر انصاف ۽ حقيقتن جي اصولن سان ممڪن آه??، پاڪستان سان ازل کان جاري اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا قي??مت ??ائ??ن قائم رهندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان پاڪستان سان آئنده به تعاون جاري رکنداسين، سرحدون ۽ فاصلا مسلمانن جي دلين جي وچ ۾ ديوار نٿا بڻجي سگهن، سڄي دنيا جي مسلمانن جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف انهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آه??، اسان جو ايمان آه?? ته ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آه??، مسلمان ??مت دهشتگردي، جنگين، مذهب پرستي، مفلسي ۽ غربت جي بار هيٺيان دٻيل آه??، پاڪستان ترڪي ۽ خوشحالي جي سفر طرف روان دوان آه??، اقتصادي ترقي جو عمل ڏينهن ۾ نٿو اچي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب ??يب اردوان چيو ته مون پاڪستان جي عوام جي معزز نمائندن جي موجودگي ۾ پنهنجي سمورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي وڏي عزت ۽ احترام سان محبت جو سلام پيش ڪريان ٿو