اسلام آباد- 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان سوڊان ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز سان فالو اپ ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ج??هن ۾ سوڊان مان پاڪستانين جي محفوظ واپسي ج?? طريقن تي ڳال??يو?? ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ پي آءِ اي، اوورسيز پاڪستانين بابت وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سوڊان مان پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان ۽ فوري طور تي ڪڍڻ جي منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.