اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور ??نصور خان چ??و آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپ??ءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري ??ٺڻي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري ??ه ورتي. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور ??نصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.