اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿ??رٽ?? جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکي?? ته گوادر پورٽ تي اقتصادي سرگرميون زور شور سان جاري آهن. مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿ??رٽ?? جي چيئرمين وڌيڪ چي?? ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ٽرڪن ذريعي چمن رستي افغانستان موڪليو ويندو. هن چي?? ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مقامي سطح تي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿ??رٽ?? جي چيئرمين چي?? ته سي پيڪ تحت منصوبا روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.