اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافين جي اجتماعي ۽ انفرا??ي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندي، اميد آهي ته صحافين جي نئ??ن چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي ۽ حڪومت ۽ صحافين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي نئ??ن چونڊيل قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين جي نمائنده تنظيم جي چونڊ جو معيار اعليٰ آهي، اميد آهي ته نئ??ن چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي.