ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحف?? ۽ ??ربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ا??مرجنسي ڪيش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائم احساس ا??مرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ا??مرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪر?? سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪر?? سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪر?? چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.