اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 752 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ت?? گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، اسلام آباد 3 هزار 80، بلوچس??ان هڪ هزار 574، گلگت بلتسان ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??دا?? 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪ?? آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ت?? سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 106 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو ت??دا?? 6 هزار 295 آهي.