اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته س??احت جي شعبي جي ترقي ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، سياحت جو شعبو ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پار??ن جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته س??احت جو شعبو ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، موجوده حڪومت سياحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سياحت جي موقع?? مان فائدو کڻي ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.