اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستانين کي غر??ت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن ما?? رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪستان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وز??ر حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وز??راعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غر??ت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سر??اي?? آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي غر??ت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.