اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ??حت 87 هزار 833 اڪائونٽس کولڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين اسٽيٽ بئنڪ جي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي حوالي سان ??رپ??ر دلچسپي جو مظاهرو ڪيو آهي، دنيا جي 97 ملڪن مان ان سلسلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين 87 هزار 833 اڪائونٽس کولرايا آهن ۽ رڳو 5 مهينن جي عرصي ۾ پاڪستان ۾ 50 ڪروڙ ڊالر مو??ليا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين پاران رقم مو??لڻ جي تسلسل ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ ر??و گذريل 6 هفتن ۾ 24 ڪروڙ 30 لک ڊالر ملڪ ۾ مو??ليا ويا آهن.