اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽ?? آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ?? سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ?? سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن ک??نپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پ?? آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.