اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري اد??رن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان ج??ري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيس??ن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف اد??رن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، ه??وي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين اد??رن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.