اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو آهي ته شگر مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ٿو ڏئي سگه??ي، شگر ملز مالڪن کي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي وي پروگرام ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سڌوسنئون عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چ??و ته ملڪ جون سموريون شگر ملز طاقتور طبقي جون آهن جيڪي ڪارٽيل ٺاهين ٿا ۽ پنهنجي م??ادن جي لاءِ طاقتور طبقو گڏ ٿي وڃي ٿو.