اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 59 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن ??ي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 14 هزار 937، پنجاب ۾ 21 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 78، اسلام آباد ۾ 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ هزار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزا?? ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 هزار 385 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 هزار 937 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 هزار 511 آهي .