اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه ??حم??د قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغانستا?? جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه ??حم??د قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغانستان ۾ ام?? جي قيام لاءِ ڀر??ور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغان شهري?? جي سيڪيورٽي ۽ انه?? جي حق?? جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه ??حم??د قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. اسان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.