اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغ??نستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، ??فغ??نستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي ??فغ??نستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چيو ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. ??فغ??نستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال ??فغ??نستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين ال??فغ??ن ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين ال??فغ??ن ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي ??فغ??نستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادريءَ کي ??فغ??نستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ ??فغ??نستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا?? اسان کي ??فغ??نستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. ??فغ??نستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آهي. پاڪستان ??فغ??نستان جي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي ??فغ??ن ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چيو ته ??فغ??نستان جو معا??ي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان اسپين طرفان پاڪستان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا?? اسان پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن?? اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته ??فغ??نستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. ??فغ??نستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، ??فغ??نين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان سامهون آيل ش??وع??تي بيان حوصلو ڏيندڙ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??فغ??ن امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد ??فغ??نستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ ??فغ??نستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان محفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي خوشي آهي ته توهان جو هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان جو ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.