دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪستان جا سيڙپ??ار انهن موقعن مان ??ائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان ??ه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان ??وقعي تي واپار و??رو صلاح??ار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپار و??ري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي تعاون سان ??نعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 تاجڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين ??و تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپنيون تاجڪستان آيون آهن، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان ??اڪستان ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان ??ائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان ??ه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان ??اڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سو??لن ۽ جوابن جي ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپار و??ري صلاح??ار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سو??لن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.